سنڌي ٻولي1

سنڌي ٻولي1

سنڌي ٻولي1

سنڌي ٻولي1

سنڌي ٻولي1

سنڌي ٻولي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي محقق، نامياري ناول نگار، اديب ۽ عالم سراج الحق ميمڻ جو سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل/ بڻ بڻياد تي لکيل اهم ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق جي حوالي سان ڪُل پنج باب: (1) ’انسان ڳالهائڻ ڪيئن سکيو‘، (2) ’سنڌي ٻوليءَ‘، (3) ’سنڌي تمدن‘، (4) ’موهن جي دڙي جي سنڌي ٻولي (I)‘ ۽ (5) ’موهن جي دڙي جي سنڌي ٻولي‘ (II) آهن. ليکڪ ابتدائي طور سنڌي ٻوليءَ بابت هڪ تحقيقي مضمون لکي 1959ع ڌاري ڇپرايو هو، جنهن علمي ۽ ادبي ميدان ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. بعد ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان وسيح پيماني تي سائنسي تحقيق ڪري ڪي واڌارا ۽ سڌارا آڻي ’سنڌي ٻوليءَ‘ جي نالي سان 1964ع ۾ ان وڌايل مقالي کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو. هن ڪتاب جو پيش لفظ ليکڪ جو لکيل آهي، جڏهن ته ڪتاب جو ديباچو سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب ۽ يگاني عالم محمد ابراهيم جويي لکيو آهي. هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کي نظر ۾ رکندي ڪتاب جو انگريزي ۾ پڻ ترجمو ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي شاگردن لاءِ ڪورس تي به رکيل آهي. چارنگي ٽائيٽل ۽ پڪي توڙي ڪچي جلد سان ڊيمي سائيز ۾ هن ڪتاب جو هيءُ ٻيو ڇاپو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان سال 2009ع ۾ شايع ٿيو. 187 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو ملهه 120 روپيا آهي. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو ‘Sindhi Language’ جي نالي سان امجد سراج ميمڻ ڪيو آهي. هن ڪتاب جو اهو انگريزي ترجمو به سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپائي 2009ع ۾ پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو